سبي فورٽ

سبي فورٽ

سبي فورٽ

سبي فورٽ

سبي فورٽ

سبي فورٽ (Sibi Fort): بلوچستان جي ضلعي سبيءَ ۾ بولان لڪ وٽ سبي شهر جي ويجهو هي قلعو موجود آهي. تاريخن پٽاندڙ سبيءَ جو شـهـر ۽ قلعو ’شوين‘ ٺهرايو، جيڪي چڱو عرصو هتان جا حڪمران ٿي رهيا. سندن نالي سان قلعو ’سبي‘ سڏيو وڃي ٿو. چچ کين 550 عيسويءَ ۾ لوڌي ڪـڍيـو ۽ سـبــيءَ کي سنڌ جي راڄ ۾ شامل ڪري ڇڏيو. ان کان پوءِ محمد بن قاسم 8 صدي عيسويءَ ۾ اهو راڄ ختم ڪيو ۽ اسلامي حڪومت لاڳو ڪئي. 1004ع ۾ هيءُ قلعو محمود غزنويءَ جي هٿ هيٺ رهيو. اهڙي نموني، مختلف وقتن تي هيءُ قلعو زور آورن جي هٿ هيٺ رهندو آيو. نادر شاهه جي وفات کانپوءِ هتي جي مقامي حاڪمن درانين جي هٿ هيٺ رهندي، 1879ع ۾ انگريزن هن قلعي کي فتح ڪيو. قلعو مرامت ٿيندو يا ٻيهر ٺهندو پئي آيو آهي. هاڻوڪي قلعي جا گهڻا حصا شاهه بيگ ارغون 1511ع ۾ فتح ڪرڻ کانپوءِ ٺهرايا. هيءُ قلعو 280 ميٽر ڊگهو ۽ 140 ميٽر ويڪرو آهي ۽ وڏن بنيادن تي ٺهيل آهي. هن ۾ پڪيون سرون استعمال ٿيل آهن، جن جي ماپ 10X7X2 انچ آهي. قلعي کي ٻه دروازا آهن. هڪ ڏکڻ ڪنڊ ۾ ۽ ٻيو اُڀرندي ڀت جي وچ ۾ ٺهيل آهي. ڪنڊن تي اڌ گول منارا ٺهيل هئا، جيڪي ڪجهه عرصو اڳ ڪري پيا آهن. هرهڪ دروازي تي هڪ ’واچ ٽاور‘ ٺهيل آهي. اهي ٽاور هينئر جُهرندڙ حالت ۾ آهن. اڀرندي دروازي وٽ ٻه وڏا ڀانڊا، هڪ ٿلهي تي ٺهيل آهن. هنن ڀانڊن کي ڇهه فوٽ ڀت ڏنل آهي. هرهڪ ڀانڊي تي مٿي چڙهڻ لاءِ ڏاڪڻ ڏنل آهي. ڏاڪا لنبيل آهن، ڏاڪڻ کي اولهه پاسي مٿي وڃڻ لاءِ هڪ ننڍڙو دروازو ڏنل آهي. هي ڀانڊا چڱي حالت ۾ آهن، توڙي جو انهن جو مٿيون حصو زبون حال آهي. نشانين مان لڳي ٿو ته اندر گهڻيون عمارتون هيون، جيڪي 76-1975ع ۾ فوج ڪشيءَ سبب ڊاٺيون ويون آهن. ڀتين تي 8 عدد گول برج (Basions) وٿين تي ٺهيل هئا. ڀتيون ڳري ۽ ڪري چڪيون آهن. انهن جي اوچائيءَ 5 کان 8 فوٽ بچي آهي. ٻاهريون سرون پنهنجي جاءِ ڇڏي چڪيون آهن ۽ جتي ڪٿي قلعي ۾ ڏار پيل آهن.
هيءُ تمام پراڻو ۽ اهم قلعو آهي. هن خطي ۾ اڳيئي ان قسم جي آثارن جي کوٽ آهي ۽ هن وقت هي آثار به ڄڻ ته پوين پساهن ۾ آهي. هن جي ترت مرمت نه ڪرائي وئي ته ڊهي پوندو ۽ سرون ۽ بچيل سامان ماڻهو پنهنجي گهرن ۾ استعمال ڪري ڇڏيندا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو